تقريرون ۽ تحريرون

تقريرون ۽ تحريرون

تقريرون ۽ تحريرون

تقريرون ۽ تحريرون (ڪتاب ):هي ڪتاب سنڌي مشهور ليکڪ شمس العلماءَ مرزا قليچ بيگ جي تحريرن ۽ تقريرن تي مشتمل آهي، جنهن ۾ ڪل 13 تحريرون آهن، جن جو وچور هن ريت آهي: (1) صُلح ڪُل يا مذهبن جي موافقت، (2) تعليم نامو'>اسلامي تعليم نامو، (3) انسان جا محافظ (ملائڪ ۽ ٻيا غيبي مددگار)، (4) عالمگير مذهب، (5) موت کان پوءِ حياتي (عالم ارواح يا عالم مثال يا بَرزخ)، (6) اسلام جا ٽيهتر فرقا، (7) جسماني ورزش (ڳوٺاڻن ۽ اسلامي مڪتبن لاءِ )، (8) علم جي ڳولا'>اسلام ۾ علم جي ڳولا، (9) صوفين جي ديوانگي يا مجذوبي حالت، (10) شڪر جو شرف ۽ شان، (11) جوانيءَ جو اڪسير، (12) سنڌي شعر ۽ (13) ڏاڙهياري جيل جو سير. هي ڪتاب سنڌي ادبي بورڊ پاران سال 1970ع ۾ شايع ٿيو. ڪچي جلد سان 274 صفحن تي مشتمل هن ڪتاب جي قيمت 7 روپيا آهي .


هن صفحي کي شيئر ڪريو